شور ڪنڊ

شور ڪنڊ (ديهه): ڪراچيءَ ۾ڍوري کان پوءِ هن ديهه جون حدون شروع ٿين ٿيون. ڪنڊ جي معنيٰ آهي ڪنڊيءَ جو گهاٽو جهنگ، جڏهن ته ڪوهستان ۾ ڪنڊ جي معنيٰ آهي جابلو لڪ. هتي سوڙ وار مٽي يعني ميٽائين رنگ جي مٽي ملي، جنهن کي شوڙ چوندا آهن. برسات پوندي آهي ته هتي ڌٻڻ پيدا ٿيندي آهي. مهير کان حب تائين هن ديهه ۾ ڪيتريون ئي جابلو چوٽيون آهن. هونئن ته هي جابلو علائقو آهي، پر برسات تي ڪي حصا آباديءَ جو ڳا آهن. نئن حب جي وهندڙ پاڻيءَ جو ڏيک هتي ڏاڍو خوبصورت ٿيندو آهي. هن ديهه جي ڪل ايراضي 11535 ايڪڙ آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ موجب هتان جي آبادي 219 ماڻهن تي مشتمل هئي، ۽ ضلعي ۾ 110 مرد ۽ 109 عورتون هيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو